ڄرون/ ڄؤرون (Leeches)

ڄرون/ ڄؤرون (Leeches)

ڄرون/ ڄؤرون (Leeches)

ڄرون/ ڄؤرون (Leeches): هي هڪ قسم جا ڪيڙا آهن، جيڪي اڪثر درياهه ۽ ڍورن ۽ ڍنڍن جي بيٺل پاڻي سڙيل ٻوڙن يا سڙيل گندگاهه واري پاڻيءَ ۾ ٿيندا آهن. ڄرن يا ڄؤر جا حيواني لحاظ سان ڪافي قسم آهن، پر ســنـڌ ۾ ٽـن قسمن جا ڏٺا ويا آهن، جن مان ٻه قسم عام آهن. ڄؤر کي عربيءَ ۾
’علق‘، اردوءَ ۾ ’جونڪـ‘، سنسڪرت ۾ ’جـلـوڪـا‘، هـنـديءَ ۾ ’جـل ڪاڪـيــڙا‘ ۽ گجراتيءَ ۾ ’جالو‘ چون. ڄؤرون مينهن، ڳئن ۽ ٻڪرين جي پاڻي پيئڻ وقت انهن جي پيٽ ۾ هليون وينديون آهن ۽ جانور بيمار ٿي پوندا آهن. سنڌ ۾ ڪن بيمارين جي علاج لاءِ ڄؤرن ذريعي رت ڪڍيو ويندو آهي ۽ ماڻهو سمجهندا آهن ته ڄؤر لڳرائڻ سان ڦٽ ڦرڙي، ناسور وغيره جو ڪنورت نڪرڻ سان علاج ٿيندو پر اهو خطرناڪ عمل آهي، جو ايڊز، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جهڙيون خطرناڪ موتمار بيماريون انهن ذريعي ڦهلجي سگهن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو